صديقي الهورايو طارق

صديقي، الهورايو ‘طارق’: مشهور صحافي ۽ ليکڪ الهورايو ‘طارق’ ولد فتح محمد صديقي 15 مارچ 1935ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. سنڌي فائنل پاس ڪري ٻه سال ماستريءَ جو ڪورس ڪيائين. 15 آڪٽوبر 1952ع تي پرائمري استاد مقرر ٿيو، جتان 31 مئي 1979ع تي رٽائر ٿيو. حبيب الله مولابخش ڀٽي جي شاگرديءَ ۽ صحبت ۾ رهڻ دوران منجهس ادبي شعور اُسريو ۽ صحافت جو شوق پيدا ٿيو. 1950ع ۾ باقاعدي لکڻ شروع ڪيائين. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1) ’نجمه‘ (تاريخي ناول) 1950ع (2)’ضلعي سکر جي جاگرافي‘ (درسي ڪتاب) 1955ع (3)’طوطو مينا (قصو) (4)’علي بابا چاليهه چور‘، (5)’بيربل نامو‘ (6)’شيخ چلي‘، (7) ’ملان دو پيازو‘ (8) ’ملان نصيرالدين افغاني‘ شامل آهن. ان کانسواءِ سندس ڪيترائي ڪتاب اڻ ڇپيل پڻ آهن. صحافت جي شعبي ۾ به سندس ڪافي خدمتون آهن. 1960ع ڌاري ’روزاني خادم وطن‘ جو شڪارپور لاءِ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ٿيو. ان دوران ’روزاني هلالِ پاڪستان ‘ جو به ڊسٽرڪٽ رپورٽر رهيو. 1979ع ۾ ’روزاني آفتاب حيدرآباد‘ جو ڊسٽرڪٽ رپورٽر رهيو. نوڪريءَ تان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ روزاني نجات سکر جي ايڊيٽر طور خدمتون انجام ڏنائين. هن 1984ع ۾ پنهنجي هفتيوار اخبار ‘شانِ پاڪستانجاري ڪئي، جنهن جو پهريون پرچو 20 فيبروري 1984ع تي پڌرو ٿيو. 1986ع ۾ هن ‘شڪارپور اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس’ جي نالي سان پنهنجي پريس قائم ڪئي ۽ ان ئي پريس مان 22 جون 1989ع تي ٻي هفتيوار اخبار ‘وطن عزيز’ جاري ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.03.15  عيسوي

مشهور صحافي ۽ ليکڪ الهورايو ‘طارق’ ولد فتح محمد صديقي 15 مارچ 1935ع تي شڪارپور ۾ ڄائو.


1952.10.15  عيسوي

الهورايو ‘طارق’صديقي 15 آڪٽوبر 1952ع تي پرائمري استاد مقرر ٿيو، جتان 31 مئي 1979ع تي رٽائر ٿيو.


1984.02.20  عيسوي

الهورايو ‘طارق’صديقي هفتيوار اخبار ‘شانِ پاڪستان’ جاري ڪئي، جنهن جو پهريون پرچو 20 فيبروري 1984ع تي پڌرو ٿيو.


1989.06.22  عيسوي

الهورايو ‘طارق’صديقي 22 جون 1989ع تي ٻي هفتيوار اخبار ‘وطن عزيز’ جاري ڪئي



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شهاب الدين چشتي
در محمد ڪمال
شبير تابش
شان ڏهر
آر بي سارنگ
عبدالغفور سيتائي
دين محمد وفائي مولانا
پنهيار علي بخش اصغر
ڏيپلائي محمد عثمان
زيب النساءَ حميدالله
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون